سيالڪوٽ-29 جون (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سوات سانحي بابت ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي ريسڪيو جو بريڪ ڊائون آهي، هي پهريون واقعو ناهي پر ان کان اڳ به ريسڪيو وارن جي ناڪامي جا اتي واقعا ٿي چڪا آهن، حڪمراني ڪا هندوري ۾ لڏڻ جي شيءَ ناهي پر حڪمراني ڪنڊن جي سيج آهي، ان لاءِ سڀني حڪمرانن کي گهرجي ته پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفادن کان وڌيڪ عوامي مفادن کي ترجيح ڏين. اهڙو اظهار هن ڊسڪه ۾ سوات سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هن سانحي بابت ڳالهائڻ لاءِ سندس وٽ ڪي لفظ ناهن، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي ريسڪيو جو بريڪ ڊائون آهي ۽ هي پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به ريسڪيو وارن جي ناڪامي جا اتي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن، ريسڪيو وارا اتي آيا به خالي هٿين آيا ۽ پوءِ هليا به ويا ڇاڪاڻ ته سندن وٽ ڪا اهڙي مشينري موجود ئي نه هئي، جنهن سان هو سامهون بيٺل ٻارن ۽ سندن والدين کي موت جي منهن کان وڃڻ کان بچائي سگهن ها. هن چيو ته متاثر ڪٽنبن لاءِ ته قيامت آهي پر خبر ناهي اتي جي حڪمرانن جي ضميرن تي ڪا قيامت آئي يا نه، بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته ان کان وڌيڪ غفلت ۽ ڪوتاهي جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، بيشڪ قدرتي آفتون الله تعاليٰ طرفان اينديون آهن پر انهن حادثن جي ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا آهن جيڪي صوبائي حڪومت نه کنيا. هن چيو ته متاثر ڪٽنبن تي جيڪو ڏکيو وقت آهي الله تعاليٰ بدترين دشمن تي به اهڙو وقت نه آڻي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ نٿو چاهيان پر عوام پاڻ فيصلو ڪندي، پر ايترو ضرور چوندس ته حڪمران جتي به هجن پنهنجون ذميواريون ضرور محسوس ڪن، ڇاڪاڻ ته حڪمراني ڪا هندوري ۾ لڏڻ جي ڪا شيءَ ناهي پر ڪنڊن جي سيج آهي ان لاءِ سمورن حڪمرانن کي گهرجي ته هو ذاتي ۽ سياسي مفادن کان وڌيڪ عوامي مفادن جي حفاظت ڪن.