جازان -28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر جازان ۾ مقامي شهري عورتن لاءِ پهرين ڪار واشنگ پلانٽ جي شروعات ڪري ڇڏي. پلانٽ جو سمورو اسٽاف عورتن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته صارفين به عورتون ئي آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق جازان جي علائقي صامطه ڪمشنري سان تعلق رکندڙ مقامي شهري حسام اليامي ٻڌايو ته عورتن لاءِ مخصوص ڪار واشنگ پلانٽ جو خيال خانگي تقريب دوران آيو جنهن ۾ اها ڳالهه ٻڌي ته عورتن لاءِ گاڏي ڌورائڻ جو مخصوص هنڌ هئڻ گهرجي ته جيئن هو آرام سان اهو ڪم ڪرائي سگهن. هن چيو ته تقريب مان اچڻ کان پوءِ اها سوچ منهنجي ذهن ۾ آئي ته ان بابت ڪيترائي ڀيرا سوچڻ ۽ مختلف رخن جو جائزو وٺڻ بعد تياريون شروع ڪري ڇڏيون. عورتن لاءِ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪار واشنگ پلانٽ ۾ هن وقت 10 عورتون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ٻن شفٽن ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيون آهن.