اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي سي اي او عامر حيات ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب امير حيات پي ڊي ايم حڪومت پاران 2022-2023 دوران پي آءِ اي ۽ سي اي اي کي آءِ سي اي او جا معيار حاصل ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نومبر 2024 ۾ يورپ لاءِ پي آءِ اي جون اُڏامُون بحال ٿيون. هن پرڏيهي وزير جي برطانيه لاءِ اُڏامن جي بحالي لاءِ مسلسل سفارتي مدد جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته هو ۽ پرڏيهي وزارت برطانوي عملدارن سان ڳالهين ۾ مصروف آهن ته جيئن انهن اُڏامن تي پابندي جلد کان جلد ختم ٿي سگهجي.