اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوام تي غير ضروري بار وجهڻ کانسواءِ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ لاءِ متوازن فيصلا ڪرڻ جي حڪومت جي عزم تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي وزيرن، ايس اي پي ايم طارق باجوه، سيڪريٽري پاور ۽ ناڻي ۽ بجلي جي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مالياتي استحڪام ۽ صارفين جي تحفظ تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ بجلي جي شعبي جي اهم رخن جو پڻ جائزو ورتو ويو.