اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي بيانيي کي سگهه ملي آهي، ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي، اسان پاڻي وسيلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڻي اسان جي زندگي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان مستقل ثالثي عدالت ((Permanent Court of Arbitration پاران ڏنل ضمني ايوارڊ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان پاڪستان جي بيان کي هٿي ملي آهي ته ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان پاڻي جي وسيلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڻي اسان جي زندگي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي.