برسلز-27 جون (اي پي پي) يورپي يونين روس مخالف پابندين کي ايندڙ ڇهن مهينن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي سربراهي اجلاس ۾ روس مخالف پابندين ۾ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ توسيع تي اتفاق ڪيو ويو. يونين روس خلاف پهريون اقتصادي پابنديون 2014ع جي گرمين جي موسم ۾ ڇهن مهينن جي مدي لاءِ متعارف ڪرايون هيون ۽ ان کانپوءِ کان هر اڌ سال ۾ ان ۾ تجديد ڪئي ويندي آهي.