هيگ-26 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ملڪن سان وعدو ڪيو آهي ته روس سندن مٿان حملو نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن موجب آمريڪي صدر چيو آهي ته جيستائين هو اقتدار ۾ رهندو روس نيٽو ملڪن تي حملو نه ڪندو. هيگ ۾ نيٽو سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته روس کي ڪو خطرو نه هوندو. هن دفاعي خرچن ۾ واڌ لاءِ اتحاد جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. يورپي نيٽو ملڪن جي اڳواڻن فوجي خرچن ۾ واڌ جي ترغيب ڏيڻ تي آمريڪي اڳواڻ جي ساراهه ڪئي.