تهران-26 جون (اي پي پي) ايران جنگ بندي لاڳو ٿيڻ بعد ملڪ ۾ انٽرنيٽ پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪيو آهي جيڪا اسرائيل سان 12 ڏينهن جاري تڪرار دوران لڳائي وئي هئي. ايران جي پاسداران انقلاب جي سائيبر سيڪيورٽي ڪمانڊ سرڪاري ميڊيا جي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مواصلاتي نيٽ ورڪ پنهنجي اڳوڻي حالت ۾ واپس اچي رهيو آهي. ملڪ جي مواصلات واري وزير ستار هاشمي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته حالتون معمول تي اچڻ سان گڏو گڏ مواصلات تائين رسائي معمول تحت بحال ٿي وئي آهي.