گڏيل قومون-26 جون (اي پي پي) پاڪستان 2024ع ۾ ٻارن خلاف تشدد ۾ وحشياڻي اضافي جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته پرڏيهي قبضي ۾ رهندڙ نوجوان خاص طور تي وڏي پئماني تي زيادتين جو شڪار آهن ۽ انهن جي حفاظت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي مباحثي ۾ خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ٻارن جي حقن جون رڪارڊ ڀڃڪڙيون، سوين نوجوانن کي معذور ڪرڻ، بک سان مرڻ، ساڙڻ، موت جي منهن ۾ ويندڙ يا شديد غذائي کوٽ سبب ڪمزور ڪري رهيون آهن، ان سلسلي ۾ هن ٻين ڇڪتاڻ وارن هنڌن کانسواءِ جنگ سٽيل غزه ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ٻارن جي مصيبتن ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اها سنجيده ذميواري آهي ته هو ان پريشان ڪندڙ صورتحال کي منهن ڏي، ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ انهن جي مصيبتن کي ختم ڪري ۽ بنا ڪنهن فرق يا سياسي خدشن جي جوابدارن جو احتساب يقيني بڻائي. پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي سيڪريٽير جنرل جي تازي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيل گهري ڳڻتي جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ 2024ع ۾ ٻارن خلاف 41370 تصديق ٿيل سنگين ڀڇڪڙين جا تفصيل بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ حيران ڪندڙ 25 سيڪڙو اصافي جي نمائندگي ڪن ٿيون. هن چيو ته اهو بحران تباهه ڪن هٿياربند ٽڪراءُ ۾ الجهندڙ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ خوفناڪ شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني نمائندي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جنگ جي قيمت ٻار ادا ڪري رهيا آهن، هن نشاندهي ڪئي ته غزه ۾ هزارين فلسطيني ٻارن جي موت جي صورتحال کي گذريل سال جي رپورٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن پاڪستان جي حوالي سان ڳڻتي جي حوالن کي هن سال هٽائڻ جي آجيان ڪندي ان کي هڪ ڊگهي عرصي کان گهربل سڌارو قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ٻارن جي ماضي ۾ دستاويزي خراب حالت کي بنا ڪنهن جواز جي ڇڏيو ويو هو. هن پرڏيهي قبضي تحت ڪشميري ٻارن جي نسلن کي خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي زندگي گذارڻ جي مذمت ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني قدمن کانپوءِ وارثن جي خراب حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، اسان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي باري ۾ مسلسل رپورٽنگ تي زور ڀريون ٿا، جتي ٻارن خلاف انساني حقن جون ڀڃڪڙيون افسوسناڪ طور تي معمول تي مسلسل جاري آهن. پاڪستاني نمائندي پاڪستان خلاف 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي تازي ڀارتي جارحيت جو حوالو ڏيندي چيو ته شهري علائقن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ٻارن جي شهادت ٿي جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي انساني قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان ٻارن خلاف انهن سنگين ڀڃڪڙين جي مڪمل جاچ ۽ ايندڙ چلڊرن اينڊ آرمڊ ڪانفليڪٽ (سي اي اي سي) رپورٽ ۾ انهن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو.