اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي بار ايسوسيئيشنز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن وچ ۾ هم آهنگيءَ جي کوٽ جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪميشن فيصلو ڪيو آهي ته هر صوبي ۾ هڪ سينيئر سطح تي نمائندو هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويندو، جيڪو ضلعي بار ايسوسيئيشنز ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، مقامي ترجيحن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ هيٺئين سطح تي جاري عدالتي منصوبن جي نگراني ڪندو. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري لاهور ۾ بارز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن وچ ۾ تعاون کي مضبوط بنائڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جو مقصد بار ايسوسيئيشنز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن وچ ۾ اداره جاتي رابطن جو جائزو وٺڻ ۽ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ تعاون کي هٿي ڏيڻ هو. اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عاليه نيلم، لاهور هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندن، قانون ۽ انصاف واري وزارت، پاڪستان حڪومت جي آفيسرن ۽ پنجاب حڪومت جي قانون ۽ رٿابندي وارن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ انهن جي عدالتي نظام لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن بار ايسوسيئيشنز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن وچ ۾ هم آهنگيءَ جي کوٽ جي نشاندهي ڪئي، ان سلسلي ۾ ڪميشن فيصلو ڪيو ته هر صوبي ۾ هڪ سينيئر سطح جو نمائندو هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويندو جيڪو ضلعي بار ايسوسيئيشنز ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، مقامي ترجيحي معاملن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ـ هيٺئين سطح تي جاري عدالتي منصوبن جي نگراني ڪندو. چيف جسٽس ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بار جا نمائندا پنهنجي لاڳاپيل بارز کي ان قدمن کان باخبر رکن ۽ سڌارن ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿين. هن هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت طرفان بار ايسوسيئيشنز کي ڏنل سهولتن ۽ معاونت کي مربوط ۽ مؤثر بنايو وڃي ته جيئن وسيلا ضايع نه ٿين ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري اچي. چيف جسٽس صوبائي کاتن تي به زور ڀريو ته هو ڪميشن جي ريزيڊينٽ ايڊيشنل سيڪريٽريءَ سان ويجهي رابطي ۾ رهن ته جيئن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز ججز جي سربراهيءَ ۾ قائم ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيءَ طرفان پيش ڪيل منصوبا مؤثر ۽ وقت سر لاڳو ڪري سگهجن. هن گهٽ ترقي يافته ضلعن ۾ انفراسٽرڪچر، سولرائيزيشن ۽ ڊجيٽل انضمام جي کوٽ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان علائقن ۾ مخصوص قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. ان کان علاوه چيف جسٽس بار جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ميمبرن کي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي طرفان پيش ڪيل ڪنٽينونگ ليگل ايجوڪيشن (سي ايل اي) پروگرامز مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏين. هن هدايت ڪئي ته تربيتي ڪئليندر کي سمورن بار ايسوسيئيشنز ۾ وڏي پيماني تي پکيڙيو وڃي ته جيئن پيشيوراڻي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن ان قدمن کي ساراهيو ۽ چيف جسٽس جو ٿورو مڃيو، هن سائلين ۽ وڪيلن وچ ۾ درپيش چئلينجز کي تسليم ڪيو. اجلاس ۾ شريڪ سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن مؤثر ۽ وقت سر انصاف جي فراهميءَ جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.