بيجنگ – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي معاملن تي مشاورت جو پنجون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت اسپيشل سيڪريٽري (گڏيل قومون) سفير نبيل منير جڏهن ته چيني وفد جي قيادت عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزارت جي عالمي ادارن ۽ ڪانفرنسز بابت ڊائريڪٽر جنرل شين بو ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورت دوران ٻنهي ڌرين گڏيل قومن بابت وسيع تر معاملن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ڀرپور هم آهنگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي ادارن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کانسواءِ اسپيشل سيڪريٽري (گڏيل قومون) سفير نبيل منير مشاورت جي موقعي تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ميا ڊيو سان جدا ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان چين بي مثال اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي انهن تاريخي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.