اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ نيشنل ڪريڊٽ گارنٽي ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمار حبيب وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۾ گرين ڊولپمينٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ امڪاني مالياتي سهڪار تي اصولي اتفاق ڪيو ويو. خميس ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزرات طرفان جاري بيان موجب پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي طرفان AAA ريٽنگ حاصل ڪندڙ اين سي جي سي ايل گرين فنانسنگ لاءِ 10 ارب روپين جي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جيڪا هڪ منظم گارنٽي پروگرام تحت ڏني ويندي. ان مفاهمتي فريم ورڪ تحت اين سي جي سي ايل وزارت جي سهڪار سان 10 ارب روپين جي سيڙپڪاري تي ٻڌل مالياتي گارنٽيز فراهم ڪندي. اهي گارنٽيز ميزنين فنانسنگ، ڪنورٽيبل ۽ پريفرڊ بانڊز، ڪريڊٽس، ايڪويٽز ۽ انٽرنل ريٽ آف ريٽرن جهڙن مالياتي ڍانچن تي ٻڌل هونديون جيڪي مختلف منصوبن جي معاشي فعاليت موجب فراهم ڪيون وينديون. هي معاهدو وزارت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته هو پاڪستان ۾ ماحولياتي لحاظ کان پائيدار ۽ اقتصادي طور تي موثر منصوبن لاءِ سازگار مالياتي ماحول فراهم ڪري خاص ڪري نوجوانن ۽ عورتن جي قيادت ۾ اڀرندڙ گرين انٽر پرينيورز کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪندي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان تعاون کي ”گرين فنانسنگ“ کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ماحولياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نجي شعبي جي حصيداري کي متحرڪ ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو.