اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان گذريل ڏينهن نيشنل ٽيرف ڪميشن (اين ٽي سي) اسلام آباد جو دورو ڪيو ته جيئن ان جي مينڊيٽ، آپريشنل صلاحيت ۽ اداره جاتي صلاحيت جو جائزو وٺي سگهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب دوري دوران اين ٽي سي جي چيئرمين ۽ سينئر عملدارن خاص مددگار جي ڪميشن جي بنيادي ذميوارين کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٽيرف جي معاملن تي حڪومت سان مشاورت، اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي، ڪائونٽر ويڪنگ ڊيوٽي ۽ حفاظتي قدمن جي قانونن کي لاڳو ڪرڻ شامل آهي. رانا احسان افضل خان اين ٽي سي جي ڪم کي ساراهيو ۽ ڪميشن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڀريندي اين ٽي سي کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اين ٽي سي کي اڄ جي متحرڪ عالمي واپاري ماحول ۾ پاڪستان جي معاشي مفادن جي موثر تحفظ لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل، ٽيڪنالاجي سان هلندڙ اداري طور تيار هجڻ گهرجي.