اسلام آباد-26 جون (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته محرم الحرام دوران ڪنهن کي به اشتعال انگيزي ۽ شرپسندي جي اجازت هر گز نه ڏني ويندي، ضابطه اخلاق جي سختي سان پابندي ڪرائي ويندي، جلسن ۽ مجلسن جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نگراني کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سمورن صوبن سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي پلان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گهرو وزارت طرفان خميس ڏينهن جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت پکيڙڻ وارين ڌرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ۽ اهڙن عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. ان کانسواءِ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت واري مواد جي روڪٿام لاءِ پيمرا کي واضح سفارشون موڪليون وينديون. محرم الحرام دوران امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري انتظامي قدم کڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته انٽرنيٽ يا موبائيل فون سروس جي بندش جو فيصلو سيڪيورٽي خدشن جي روشني ۾ لاڳاپيل صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته انٽرنيٽ يا موبائيل فون سروس جي حوالي سان فيصلو زميني حقيقتن ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، سمورا ضروري قدم ۽ فيصلا گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته وفاق صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به اشتعال انگيزي ۽ شرپسندي جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، محرم الحرام دوران ضابطه اخلاق جي سختي سان پابندي ڪرائي ويندي، جلسن ۽ مجلسن جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نگراني کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس کي پنجاب، خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري محرم الحرام سيڪيورٽي پلان تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري، سي ڊي اي جو وقتي چيئرمين، ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، ڊي سي اسلام آباد، ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورن صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي آءِ جيز پوليس، گهرو سيڪريٽرين، ڊي جي رينجرز پنجاب، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.