اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار توانائي جي شعبي کي درپيش اهم چئلينجز جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم، توانائي، خوراڪ وارن وفاقي وزيرن، خاص معاون طارق باجوه، پاور ريفارمز جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر، پيٽروليم ۽ پاور وارن سيڪريٽريز ۽ ٻين سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ توانائي جي شعبي جي مالياتي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري واڌويجهه تي اثرانداز ٿيندڙ اهم مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جن ۾ توانائي جو استعمال، ٽيرف ڍانچي، قيمتن جي تعين جي طريقيڪار ۽ سبسڊيز شامل آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته گهريلو صارفين جي لاءِ گئس جي اگهن ۾ ڪنهن به اضافي کان پاسو ڪندي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ۽ قابل عمل حل پيش ڪن.