اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان يونيورسٽي آف لورالائي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احسان الله ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي سائنسي تعليم، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير يونيورسٽي ۾ سائنسي شعبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت ۽ تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت لورالائي يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي بابت جديد سيٽ اپ جي قيام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ جي مدد سان نرسنگ ۽ سائنسز جي پروگرامز لاءِ جديد ليبارٽيز قائم ڪيون وينديون ۽ ان سيٽ اپس جي قيام لاءِ به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. خالد حسين مگسي موجب سائنسي تعليم بلوچستان جهڙن علائقن ۾ ترقي جون نيون راهون هموار ڪندي. ملاقات دوران وائيس چانسلر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته يونيورسٽي آف لورالائي هن وقت تائين 200 ايڪڙ زمين تي زيتون جا ٻوٽا ڪاميابي سان لڳايا آهن، هن چيو ته هي قدم نه رڳو ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم آهي پر پاڻي جي کوٽ جهڙن سنگين مسئلن جي پائيدار حل ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. خالد حسين مگسي يونيورسٽي جي ان ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته زيتون جي وڻڪاري قومي سطح تي هڪ موثر ماڊل طور اختيار ڪري سگهجي ٿي. وفاقي وزير ان موقعي تي پاڻي جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي مڪمل خاطري ڪرائي. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ سائنسي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن.هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ يونيورسٽي آف لورالائي جي سهڪار سان بلوچستان ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.