اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان سان نيب جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ نيب جي سالياني رپورٽ 24-2023ع پيش ڪئي. قومي اسيمبليءَ جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر نيب جي 5311 ارب رپين جي تاريخي ريڪوري تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته نيب جون بي مثال ريڪوريون ان جي غير جانبداري ۽ مؤثر ڪارڪردگيءَ جو چِٽو ثبوت آهن. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر نيب ۾ ڪفايت شعاري، ڊجيٽل تبديلي ۽ اي آءِ سان شفاف جاچ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شڪايتن جي ازالي لاءِ نيب جي سهولتڪاري جي قدمن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ساراهه ڪندي نيب آفيس ۾ احترام ۽ عزت سان سلوڪ لاءِ ”اسپيسل اڪائونٽبلٽي ڊيسڪ“ جي قيام کي ساراهيو. نيب چيئرمين اداري کي ماڊل ادارو بنائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو ته نيب کي ڪاروبار فرينڊلي بنائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته نيب ڪاروباري برادريءَ جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سگهي.