اسلام آباد-26 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي استعمال لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون، غير مؤثر پاور پلانٽس کي بند ڪري وڏي مالي گنجائش پيدا ڪئي آهي، توانائيءَ جون مختلف ڪمپنيون گرڊ جي جدت ۽ شفافيت ۾ مدد ڪري رهيون آهن. سمارٽ ميٽرز ۽ ٽرانسفارمر مانيٽرنگ سسٽم ذريعي توانائيءَ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن بيجنگ ۾ رٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جي پنجين انرجي ميٽنگ کي ورچوئل خطاب ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جي مستقبل لاءِ جدت کي گڏ ڪرڻ اڻٽر آهي. اسان ڊيٽا تي ٻَڌل سڌارا جاتي توانائي جي تبديليءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت مقامي طور جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، 2030ع تائين 60 سيڪڙو توانائي تجديد جوڳي ذريعن مان حاصل ڪرڻ اسان جو هدف آهي، پاڪستان، وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ نار وچ ۾ هڪ قدرتي پُل جي حيثيت رکي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اسان جو هدف واضح آهي ۽ ان پُٺيان عمل به آهي. پاڪستان توانائي جي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي، ايس سي او جي سمورن ملڪن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجليءَ جي تقريبن 3 ڪروڙ صارفين لاءِ سمارٽ ميٽرنگ سسٽم ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري گهربل آهي. اويس لغاري ايس سي او جي ملڪن لاءِ توانائي، جدت ۽ تحقيق جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۽ خطي ۾ بجلي جي منصوبن جي نگرانيءَ لاءِ ايس سي او ڊجيٽل ڊيش بورڊ ۽ نوجوانن لاءِ ايس سي او انرجي فيلوشپ پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي.