برسلز-26 جون (اي پي پي) نيٽو جي ميمبرن ملڪن اعلان ڪيو آهي ته هو 2035ع تائين پنهنجو دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي جي) جو 5 سيڪڙو وڌائيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب دي هيگ ۾ منعقد نيٽو سربراهي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته ميمبر ملڪن اجتماعي دفاع جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ”ڪنهن هڪ ميمبر تي حملو سڀني تي حملو تصور ڪيو ويندو“. پڌرائي موجب مجموعي 5 سيڪڙو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3.5 سيڪڙو دفاعي ضرورتن لاءِ جڏهن ته 1.5 سيڪڙو سيڪيورٽي بابت خرچن تي خرچ ڪيو ويندو، جن ۾ اهم ٺڪاڻن جو تحفظ ۽ دفاعي صنعت جي مضبوطي شامل آهي. نيٽو اڳواڻن چيو ته اهي قدم وڌندڙ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهن، جن ۾ خاص ڪري ”يورپي ۽ اوقيانوس سمنڊ سيڪيورٽي لاءِ روس جي ڊگهي مدي وارو خطرو“ ۽ ”دهشتگردي جا جاري خطرا“ شامل آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان موقعي تي نيٽو اجلاس کي ”نمايان ڪاميابي“ قرار ڏيندي اتحاد جي گڏيل دفاعي پاليسي جي حمايت جو اعلان ڪيو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل به ٽرمپ جي واکاڻ ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ نه هجي ها ته نيٽو ملڪ دفاعي خرچ 5 سيڪڙو تائين نه وڌائين ها. هن وڌيڪ چيو ته نيٽو ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي موقف تي قائم آهي ۽ هن يوڪرين جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته نيٽو يوڪرين جي پرامن رستي ۾ ساڻس گڏ آهي. ٻئي پاسي روسي سلامتي ڪائونسل جي نائب سربراهه دمتري مدويدوف يورپي يونين کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ”برسلز روس جو حقيقي دشمن آهي ۽ يورپي يونين جنهن شڪل ۾ سامهون اچي رهي آهي، اها نيٽو جيتري ئي خطرناڪ آهي. مدويدوف پنهنجي ٽيليگرام پيغام ۾ چيو ته برسلز اڄ روس جو حقيقي دشمن آهي ۽ پنهنجي موجوده شڪل ۾ يورپي يونين جو خطرو نيٽو کان گهٽ ناهي. اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن يوڪريني صدر ولا ديمير زيلينسڪي يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ته هو ڪيف سان يورپي يونين ۾ شموليت جون ڳالهيون جلد شروع ڪري، اهو مطالبو نيٽو سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي سامهون آيو.