اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي کنڊ جي قيمتن ۽ سپلاءِ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، فوڊ سيڪيورٽي ۽ صنعتن وارن سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪي. ڪميٽي کنڊ جي شعبي جي اهم رخن جو جائزو ورتو جن ۾ ملڪي پيداوار، درآمدي ضرورتن، سپلاءِ چين جي ڪارڪردگي ۽ مارڪيٽ ۾ دستيابي شامل آهي. ڪميٽي 0.5 ملين ٽن کنڊ جي درآمد جي اصولي منظوري جو پڻ فيصلو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صارفين ۽ سپلائرز ٻنهي جي مفادن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ضرورت جون شيون سستيون ۽ پهچ جوڳيون رهن.