اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) جي گورننس، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري منصوبن کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ عملي چئلينجز کي وقت سر ۽ ٺوس انداز ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنز جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزارت جي سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ پاران ڪميٽي کي رياستي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ڇهه ماهي رپورٽ (جولاءِ 2024ع کان ڊسمبر 2024ع) تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. رپورٽ ۾ ادارن جي مجموعي صورتحال ۽ درپيش وڏن چئلينجز جي نشاندهي ڪئي وئي، جن ۾ 5.8 کرب رپين جا مجموعي نقصان شامل آهن، جن مان 6 مهينن دوران 342 ارب رپين جو نقصان به شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تيل، گئس ۽ بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض 4.9 ٽريلين رپين کان وڌي چڪا آهن جيڪو ڪيش فلو ۽ اثاثن جي قدر کي شديد متاثر ڪري رهيو آهي. حڪومت پاران رياستي ادارن کي گرانٽس، سبسڊيز، قرضن ۽ ٻين مالي مدد جي مد ۾ 6 مهينن ۾ 600 ارب رپين کان وڌيڪ ڌڏنا ويا جيڪو ڪل روينيو جو اٽڪل 10 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊسڪوز ۽ ٻين ادارن ۾ غير فنڊ ٿيل پينشن رهتن جو ڪاٿو 1.7 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪو آهي جيڪي مالي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ويا جڏهن ته ريلوي جي پينشن رهتون به آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ضمانتن جو ڪاٿو 2.2 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته قرضن جي واپسي ۽ مالياتي نئين سر تنظيم سازي جا خرچ مالي دٻاءُ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، گورننس جا مسئلا به برقرار آهن جن ۾ آءِ ايف آر ايس سيڪشن 30 تحت بينيفيشل انٽرسٽ ۾ شفافيت جي گهٽتائي ۽ تعميل جا ٻيا مسئلا شامل آهن، ڪاروباري منصوبن ۾ اسٽريٽجڪ هم آهنگي جي گهٽتائي ۽ آپريشنل ڪمزوريون پڻ سڌارن جون گهرجائو آهن. ڪميتي رياستي ادارن جي 5.8 ٽريلين رپين جي مجموعي نقصانن ۽ رڳو گذريل 6 مهينن ۾ 342 ارب رپيا (يعني ڏهاڙي 1.9 ارب رپيا نقصان) تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير نشاندهي ڪئي ته ڊسڪوز جي ناقص ڪارڪردگي، اين ٽي ڊي سي جي سست رفتار اپ گريڊيشن، غير فنڊ ٿيل پينشن ذميواريون ۽ ڪمزور گورننس مالي گنجائش کي محدود ڪري رهيا آهن جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿئي ٿو. هن بجلي ۽ توانائي جي شعبن ۾ وقت سر سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو جتي گردشي قرض 4.9 ٽريلين رپين کان وڌي چڪو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير حڪومت پاران شفافيت، نظم ۽ ضبط ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي بورڊز ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪندڙ ڊائريڪٽرز کي پنهنجي ذميوارين جو ڀرپور احساس هجڻ گهرجي ۽ انهن کي ادارن جي مالي صحت ۽ ڪارڪردگي جي تحفظ جي لاءِ باخبر ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني بورڊ جي چيئرمين جي مقرري، انڊيپنڊنٽ سسٽم مارڪيٽ آپريٽر جي بورڊ جي جوڙجڪ، گوجرانوالا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني بورڊ جي لاءِ آزاد ڊائريڪٽر/ چيئرمين جي مقرري ۽ جنڪو هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ جي لاءِ ڊائريڪٽر جي مقرري بابت سمريون پيش ڪيون ويون ۽ ان جي منظوري پڻ ڏني وئي. ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني، پاور انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ انرجي انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني جي بورڊز جي لاءِ آزاد ڊائريڪٽرز جي نامزدگي ۽ بورڊ جي جوڙجڪ جي سمرين تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت پاران ٽن ريلوي ڪمپنين تيل ڪوپ، پراڪس ۽ پي آر ايف ٽي سي کي ختم ڪرڻ جي سمري پڻ غور هيٺ آئي ۽ ان جي پڻ منظوري ڏني وئي.