اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيل کي بطور رياست تسليم ڪرڻ جي قياس آرائين کي رد ڪندي فلسطين جي مسئلي جو ٻه رياستي حل طئي ٿيڻ تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ جي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اها ڳالهه پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي پاڪستان جي ڪاميابين ۽ سفارتي مصروفيتن بابت بريفنگ ڏيندي چئي. هن چيو ته پاڪستان سدائين 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار قابل عمل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ سان گڏ فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ٽيرف ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اميد آهي ته ٻئي ملڪ ان مسئلي جو مناسب حل ڪڍندا. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران جنگبندي يا ڳالهه ٻولهه جو نه چيو جڏهن ته هن واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب تڪرارن تي باوقار انداز ۾ جامع ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي بيانيي کي عالمي سطح تي تسليم ۽ ساراهيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ايندڙ مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀاليندو. هن پنهنجي تازي ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي دوري بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو جتي پاڪستان فلسطين، ڪشمير، اسلامو فوبيا ۽ ايران ڇڪتاڻ سميت اهم مسئلن تي علائقائي امن جي قدمن، ٻطرفي تعاون ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ 20 کان 23 جون تائين منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته اسرائيل ايران جنگ ۽ ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ او آءِ سي اجلاس دوران ايران جي لاءِ هڪ اجلاس گهرائڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ڪوشش سان او آءِ سي اجلاس ۾ ايران جي معاملي تي خصوصي سيشن ٿيو. نائب وزيراعظم چيو ته اجلاس دوران پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ اشتعال انگيزي جي خلاف تحمل جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مضبوط گڏيل موقف جي وڪالت ڪئي. هن چيو ته ايران پاڪستان جي وقت سر ۽ ثابت قدم حمايت کي تسليم ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ايراني پارليامينٽ کي خطاب دوران پاڪستان پاران سفارتي يڪجهتي کي ساراهيو. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ هڪ باوقار جنگبندي جي لاءِ ترڪيه ۽ ايراني قيادت سان ڳالهه ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تڪرار دوران تهران سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، مدد جي آڇ ڪئي ۽ پردي پٺيان سفارتڪاري جي سهولت فراهم ڪئي. هن چيو ته ايران جي جوابي ڪارروائي ۽ ان جي نتيجي ۾ جنگبندي جي معاهدي کي علائقائي تڪرار جي خاتمي طرف قدم جي طور تي ڏٺو ويو جنهن امن جي رفتار کي برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي اهم قرار ڏنو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪوشش سان والاريل ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جو پڻ اجلاس ٿيو، او آءِ سي جي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس پاڪستان جي لاءِ ڪامياب قدم هو. نائب وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جو ڪيس پيش ڪيو ۽ ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪيو. سربراهي اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ استنبول پڌرنامي ۾ ڪشمير تڪرار، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ، وڌندڙ اسلامو فوبيا، ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ سنڌ طاس معاهدي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو، اها پاڪستان جي لاءِ هڪ سفارتي ڪاميابي آهي ڇو ته ڪيترن ئي محاذن تي اسان جي پوزيشن حتمي پڌرنامي ۾ جامع طور تي ظاهر ٿئي ٿي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته استنبول ۾ سعودي عرب،ڪويت، ايران، ترڪيه، مصر، ملائيشيا، آذربائيجان، ازبڪستان، قازقستان، بنگلاديش، برونائي ۽ افغانستان جي هم منصبن سان 13 ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ اسٽريٽجڪ موضوعن، سيڙپڪاري، رابطي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کان وٺي پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ 624 ڪلوميٽر جي ٽه ڌريي ريلوي منصوبي تائين ڳالهه ٻولهه شامل هئي. هن چيو ته ملائيشيا 10 جولاءِ تي ٿيندڙ آسيان سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوت ڏني آهي جنهن کي هن قبول ڪري ورتو جنهن سان ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ علائقائي پهچ جو اشارو ملي ٿو. نائب وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي تازي دوري بابت پڻ ٻڌايو جتي 12 سالن کانپوءِ پاڪستان – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جو اجلاس ٿيو. هن چيو ته سندس قيادت ۾ 10 رڪني وفد اهم وزارتن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن کي ويزا جي شرطن کان ڇوٽ قرار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو 24 جون تي مفاهمت جي دستاويز تي صحيحن جي تاريخ کان 30 ڏينهن کانپوءِ لاڳو ٿيندو. هن چيو ته اسان عام پاڪستانين جي لاءِ ويزا جي مسئلن ۾ نرمي خاص طور تي منشيات جي اسمگلنگ يا خيرات گهرڻ جهڙي مجرماڻي سرگرمين تي حراست ۾ ورتل ماڻهن بابت خدشن کي ختم ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ڪئي. پاڪستاني عملدارن اسڪريننگ جي طريقيڪار ۾ بهتري جي حصيداري ڪئي جنهن کي گڏيل عرب امارات جي عملدارن ساراهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي مالياتي ذخيرن کي سڌوسنئون سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جي ايم ايل ون ريلوي منصوبي ۾ تجديد دلچسپي به شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ جي صورتحال دوران تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪردار کي تسليم ڪندي هن نوبل امن انعام جي لاءِ باضابطا طور تي نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته نامزدگي تي وزيراعظم جي مڪمل منظوري سان 11 جون تي منهنجون صحيحون ٿيون. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت کي رڳو دهشتگردي، ڪشمير، واپار ۽ پاڻي تڪرارن تي ٻڌل جامع ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ڪندو. هن چيو ته اسان دهشتگردي تائين محدود ڳالهه ٻولهه کي قبول نه ڪنداسين. سينيٽر محمد اسحاق ڊار تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي فورم جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان ثالثي جي عالمي تنظيم ۾ شامل ٿي ويا آهيون ۽ تڪرارن جي حل ۽ امن جي تعمير جهڙن موضوعن کي اڳتي وڌائينداسين. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪسدتان هڪ ذميوار، امن جو ڳولائو ۽ سفارتي طور تي فعال ملڪ جي طور تي پنهنجو مقام ٻيهر حاصل ڪري رهيو آهي ۽ هو عملي مصروفيتن سان مضبوط اصولن ۾ توازن قائم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي قيادت، سويلين ۽ فوجي تعميري سفارتڪاري جي ذريعي خطي ۽ عالمي سطح تي استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ متحد آهي.