اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته فيصلي سان آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ٿي ۽ قانون جي صحيح تشريح ٿي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قانوني ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي اڻٿڪ محنت کي ساراهيو. هن چيو ته فيصلي سان آئين ۽ قانون جي بالادستي ٿي ۽ قانون جي صحيح تشريح ٿي. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن کي گهرجي ته اها اچي حڪومت سان گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري.