اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن تي سالياني رپورٽ تان پاڪستان جا حوالا هٽائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن تي سالياني رپورٽ تان پنهنجا حوالا هٽائڻ جي اعلان جي آجيان ڪري ٿو، اهو اهم نتيجو گڏيل قومن سان پاڪستان حڪومت جي تعميري، پائيدار ۽ گهري مصروفيت بشمول سيڪريٽري جنرل جي ٻارن ۽ هٿياربند تڪرارن بابت خصوصي نمائندي جي آفيس سان ويجهي تعاون جو ثبوت آهي. بيان موجب اهو فيصلو ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي تحفظ ۽ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران لاڳو ڪيل مضبوط ۽ اداراجاتي، قانونسازي ۽ پاليسي قدمن جي عالمي سڃاڻپ جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو تڪرار ۽ تشدد کان متاثر ٻارن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي قومي قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ کي عالمي اصولن ۽ بهترين طريقن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو عڪاس آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايندڙ نسلن جي محفوظ ۽ روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سان ويجهي تعاون جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.