اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا تي ڀارت کي شڪست ڏني آهي، جيڪڏهن ٻن ائٽمي قوتن جي وچ ۾ جنگ لڳي وئي ته دنيا جي امن جي لاءِ خطرو ٿيندو، ڀارت جي پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي يو اين چارٽر جي خلاف ورزي آهي، پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو. نيشنل پريس ڪلب اسلام اباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان جي فتح کي ٽن طرح مڃان ٿو، پاڪ فوج ڀارت جي وڏي فوج کي شڪست ڏني، سفارتي سطح تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان پنهنجي بيانيي ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي، پاڪستان جي نوجوانن ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا تي ڀارت کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان جي ميڊيا جو ڪردار تاريخي آهي، عالمي سطح تي 5 ڏينهن ۾ پاڪستان جي ميڊيا تاريخي فتح حاصل ڪئي، دنيا پاڪستان جي ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيو، ميڊيا مشڪلاتن جي باوجود پاڪستن جو بيانيو دنيا آڏو پيش ڪيو، اسان کي نوجوانن تي فخر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهرين صف جو ڪردار توهان صحافين جو هو جنهن جي آئون قدر ڪريان ٿو، پنهنجي ساک تي توهان ماڻهن ٺاهه نه ڪيو، وزيراعظم صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته پاڪستان عالمي سطح تي جاچ جي لاءِ تيار آهي، اسان جا هٿ صاف آهن، ڀارت ڪنهن سان پنهنجي معلومات ئي شيئر نه ڪئي، جنگ دوران پاڪستان شفاف هو، ڀارت جنگ دوران نه رڳو ميڊيا جي ذريعي پر سفارتڪاري هاٽ لائين جي ذريعي پڻ ڪوڙ ڦهلايو. پاڪستان سدائين امن جي ڳالهه ڪئي، پاڪستان دنيا آڏو پنهنجو بيانيو بهترين انداز ۾ رکيو، اسان دنيا ۾ امن چاهيون ٿا، اسان امن جي ڳالهه ڪئي. ڀارت ته اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته پاڪستان دهشتگرد آهي پر دنيا ان جي ان بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو. اسان پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ ڀارتي عوام جي پڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، نسل در نسل اسان نه ٿا چاهيون نفرتون پکڙجنديون رهن، نئين نسل ڀارت جي نفرت جي پيغام کي پسند نه ڪندي. والاريل ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي، جيڪڏهن ٻن ائٽمي قوتن جي وچ ۾ جنگ لڳي وئي ته دنيا جي امن جي لاءِ خطرو هوندو. ڀارت جي سازش هئي ته پاڪستان کي هڪ دهشتگرد ملڪ ڪري پيش ڪيو وڃي، اسان ان جي سازش کي ناڪام بڻايو، اسان فيٽف جي گري لسٽ کي وائيٽ ڪري ڇڏيو، ڀارت هر محاذ تي ناڪام ٿيو. ان کانپوءِ آمريڪا جي صدر اسان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مانجهاندي جي دعوت ڏني، اها پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي. ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏي ٿو، اها يو اين چارٽر جي خلاف ورزي آهي، اسان امن چاهيون ٿا، جيڪڏهن پاڻي بند ڪيو ته پوءِ جنگ ٿيندي ۽ اسان اڳ وانگر کٽينداسين، پاڻي جي لاءِ جنگ ڪرڻي پئي ته جنگ ڪنداسين. مودي هڪ زماني ۾ گجرات جو ڪاسائي هو، پوءِ ڪشمير جو ڪاسائي بڻجي ويو ۽ هاڻي مودي واديءَ سنڌ جي تهذيب جو ڪاسائي بڻجڻ چاهي ٿو. ڀارت چاهي نه چاهي عوام امن چاهي ٿي، نئين نسل امن چاهي ٿي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جو مطلب ڳالهه ٻولهه هو، اصولي طور تي ڀارت کي ڊائيلاگ ڪرڻ گهرجي. ڀارتي وزيراعظم پاڪستان جي نوجوانن کي چيو ته ماني کائو نه ته گولي کائو. آمريڪا ڪوشش ۾ آهي ته جنگبندي تي ڀارت قائم رهي. صدر ٽرمپ جي امن جي ڪوشش ڀارت ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو. سنڌ طاس معاهدي کي ڀارت هڪطرفي طور تي ختم نه ٿو ڪري سگهي. حقيقت اها آهي ته ڀارت کي اندازو نه هو ته پاڪستان جو سخت جواب هوندو ۽ ڀارت جهاز نه اڏايا ڇو ته کيس ڊپ هو ته سندس جهاز ڪيرايا ويندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن مودي اهو چوي ٿو ته ڀارت جنگبندي جي خواهش نه ڪئي ته هو رڳو هڪ ڀيرو اهو چئي ڇڏي ته ٽرمپ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرائيل فلسطيني عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي جنهن کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي، پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جنگ کٽيندڙ جنرل آهي ۽ اها پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته آمريڪي صدر پاڪستاني فوج جي سربراهه کي مانجهاندي تي گهرايو.