اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران هن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ ايندڙ گهڻ رخي مصروفيتن بشمول جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان جي صدارت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.