تل ابيب – 27 جون (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياھو اعليٰ اسرائيلي عدالت کي درخواست ڪئي آھي ته سندس خلاف ڪرپشن وارن ڪيسن جي ٻڌڻي کي ملتوي ڪيو وڃي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن اهو مطالبو ان وقت ڪيو آھي جڏھن ھڪ ڏينھن اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيتن ياھو جي مدد ڪرڻ ۽ کيس بچائڻ جو اشارو ڏنو آھي. ٽرمپ انهن ڪرپشن ڪيسن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو. عدالت آڏو نيتن ياھو جي وڪيل چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم عدالت ۾ بيان ڏنو آھي ته سندس ڪيسن کي ملتوي ڪيو وڃي ڇو ته علائقي ۽ دنيا ۾ وڏيون تبديليون پيش اچي رھيون آھن. انڪري عدالت جي ٻڌڻي جو جاري رھڻ سٺو نه ٿيندو. وڪيل عدالت کي چيو ته احترامن عدالت کي درخواست آھي ته عدالت پنھنجي انھن حڪمن کي واپس وٺي جن تحت وزيراعظم کي ايندڙ ھفتن ۾ گواھي ڏيڻي آھي.وڪيل نيتن ياهو جي جنگي مصروفيتن جو حوالو ڏيندي معذوري ظاهر ڪئي ته نيتن ياهو هاڻي ايران جنگ مان فارغ ٿيو آهي جڏهن ته غزه جتي اسرائيلي قيدي اڄ تائين قيد آهن، جي جنگ جاري آهي. وزيراعظم جو سڄو وقت ۽ توانائي خطي جي جنگين ۾ لڳي ٿي وڃي.