اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽريشن جو فيصلو پاڪستان جي موقف جي فتح آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي ختم نٿو ڪري سگهي، عالمي عدالت جي فيصلي مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي، ٽياڪڙ عدالت جو ڪردار محدود ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر شيري رحمان سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽريشن جي فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽريشن جو فيصلو پاڪستان جي موقف جي فتح آهي. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي ختم نٿو ڪري سگهي. عالمي عدالت جي فيصلي مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاريندي ڀارت جي هڪ طرفي هٽ ڌرمي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شيري رحمان چيو ته ٽياڪڙ عدالت جو ڪردار محدود ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، عالمي عدالت جي فيصلي واضح ڪري ڇڏيو ته ڀارت کي معاهدو اڪيلي سر ختم ڪرڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو قائم رهندو. شيري رحمان چيو ته عالمي عدالت جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي زور تي عالمي معاهدن کي لتاڙي نٿو سگهي، ٽياڪڙ عدالت جو تسلسل پاڪستان جي حق ۾ انصاف جي علامت آهي. ڀارت کي هاڻي عالمي قانونن جو احترام ڪرڻو پوندو.