اسلام آباد، 28 جون (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته دنيا پاڪستان کي هڪ ذميوار ۽ پرامن رياست طور تسليم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي مثبت سفارتي حڪمت عملي عالمي سطح تي مڃتا حاصل ڪري رهي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته رياستي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا باهمي اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي برطانوي هاءِ ڪميشن جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ جي سربراهه ڪرومڪ ڊريلن سان ملاقات دوران ڪيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران خطي ۾ استحڪام تي بحث ڪيو ويو. خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ دنيا پاڪستان کي هڪ ذميوار ۽ پرامن رياست طور تسليم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستان جي مثبت سفارتي حڪمت عملي کي عالمي سطح تي مڃتا ملي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته رياست جي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. پاڪستان جي هٿياربند فوجن جو رياستي خودمختياري جي حفاظت لاءِ ڪمزور نه ٿيڻ وارو عزم دنيا جي سامهُون آيو. خالد حسين مگسي چيو ته ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي خطي ۾ استحڪام جو خواهشمند آهي.