اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي بلن ۾ شامل پي ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، بجلي صارفين جي حقن جو تحفظ ڪندي ”اپنا ميٽر اپني ريڊنگ“ منصوبو شروع ڪرڻ اطمينان جوڳو آهي، اهو قدم شهرين کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ اداره جاتي سڌارن طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي وارو قدم اسان جي اهم ترجيح آهي، توانائي جي شعبي ۾ بجلي چوري اهم مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻو آهي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي تيزي سان سولرائيزيشن ٿي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن”پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ ايپ“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ سلسلو انقلابي سڌارن جو حصو آهي، جيڪو بجلي وزارت ۾ هڪ سال کان اويس لغاري ۽ سندس ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. بجلي کاتي جي شعبي ۾ بي پناهه سڌارا آندا ويا آهن، جڏهن ته اڃا به وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي، اسان ڊسڪوز جي بورڊز ۾ انقلابي تبديليون آڻيندي ڪرپٽ مافيا خلاف ٺوس قدم کنيا آهن، بجلي جي اگهن م گهٽتائي لاءِ وزير ۽ ٽاسڪ فورس تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. پاڪستاني آءِ پي پيز سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اهو ڏکيو مرحلو شفاف طريقي سان طئي ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بئنڪن سان ڳالهين ذريعي گردشي قرضن جي وياج جي شرح تي معاملا غور هيٺ آهن ۽ اهو مرحلو سٺي طريقي سان سرانجام ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي گهٽجندڙ اگهن جو فائدو بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ري بيسنگ جي حوالي سان خدشو هو ته ٻيهر 50 کان 70 پئسا في يونٽ اضافو ٿيندو، اسان اهو طريقو ڳولهيو ته جيئن ري بيسنگ به ٿي وڃي ۽ اگهه ۾ اضافو به نه ٿئي. ان حوالي سان اڄ به اجلاس ٿيو آهي. اسان جي پوري ڪوش آهي ته اهو اضافو عوام تائين نه پهچي. وزيراعظم ان موقعي تي پي ٽي وي فيس جي خاتمي جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته بجلي جي 500 ارب روپين جي سالياني چوري هڪ وڏو چئلينج آهي ان جو باقاعده مان پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان، ان تي تيزي سان ڪم ڪرڻو آهي. ٻيو چئلينج اهو آهي، ته بجلي وڌيڪ آهي ۽ کپت گهٽ آهي، شمسي توانائي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي، پاڪستان جو شمار انهن ڪجهه ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي تيزي سان سولرائيزيشن ٿي رهي آهي. ان جي تعريف ڪيون ٿا. هن چيو ته هڪ پاسي اسان سستي بجلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ ٻئي پاسي سرڪاري سطح تي پيدا ٿيندڙ بجلي جي کپت گهٽ آهي، اسان کي گهريلو ۽ صنعتي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت گهٽائڻي آهي ۽ ان مسئلي جو حل تلاش ڪرڻو آهي.پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان طئي ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اپنا ميٽر اپني ريڊنگ جو اصل فائدو صارف کي ٿيندو ۽ اها هڪ انقلابي تبديلي آهي. ان جو فائدو هر گهر کي ٿيندو، اميد آهي ته ان جي وزارت پڻ مڪمل نگراني ڪندي، جنهن تي سموري ٽيم مبارڪن جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته انفارميشن وزير کي چوندس ته هو توانائي وزارت سان گڏجي ان ۾ وڌيڪ جدت پيدا ڪري ته جيئن عام صارف ان جو استعمال ڪري سگهي. ايپ کي ڪراچي کان پشاور تائين گهر گهر متعارف ڪرايو وڃي. عام ماڻهو کي ان ايپ کان واقف ڪرايو وڃي. پنجن ٻولين ۾ ان کي متعارف ڪرائڻ هڪ قومي خدمت آهي، اها ايپ جتي عام فهم واري آهي اتي ان سان بين الصوبائي هم آهنگي کي به مدد ملندي.