اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي پاڙان پٽي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. جاري بيان موجب صدر ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي پاڙان پٽي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. جڏهن ته وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم مُلڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سارهه ڪئي.