اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مطابق ان موقعي تي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي لاڳاپن، تازي علائقائي اڳڀرائي ۽ 11-12 جولاءِ تي ڪولالمپور ۾ ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.