اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت گئس جي قيمتن تي نظرثاني ڪري ڇڏي، نيون قيمتون پهرين جولاءِ کان لاڳو هونديون. اوگرا جي پڌرائي موجب ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي ايل لاءِ مالي سال 26-2025ع لاءِ گئس جي قيمتن ۾ نظرثاني ڪئي وئي جنهن تحت وڏن صارفين، انڊسٽري (پروسيس) ۽ بجلي گهرن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهريلو صارفين (محفوظ ۽ غير محفوظ) جي ماهوار فڪسڊ چارجز به وڌايا ويا آهن پر ٻين ڪيٽيگريز جهڙوڪ گهريلو صارفين (سليب ريٽ) تندور، ڪمرشل، جنرل انڊسٽري (ڪيپٽيو) سي اين جي، سيمنٽ ۽ ڀاڻ لاءِ گئس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي وئي. نيون قيمتون پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿينديون.