خانيوال-29 جون (اي پي پي) حڪومت جي مثبت پاليسين سبب ملڪ نه رڳو ڏيوالپڻي کان بچي ويو پر ملڪي معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي، سوات سانحو ڪي پي ڪي حڪومت جي ناڪامي آهي، خانيوال ۾ جلد يونيورسٽي بڻائي ويندي. اهڙو اظهار رٿانبدي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڏاها هائوس خانيوال ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد خان ڏاها سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مرحوم مسلم ليگ (ن) جو قيمتي اثاثو هو، حاجي عرفان ڏاها هر مشڪل وقت ۾ مسلم ليگ (ن) سان وفاداري نڀائي ۽ اصولي سياست کي هٿي ڏني. عرفان ڏاها جو لاڏاڻو پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پاليسي موجب ملڪ جي هر ضلعي ۾ هڪ يونيورسٽي ڪيمپس قائم ڪئي ويندي، خانيوال ۾ جلد يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. احسن اقبال پي ٽي آءِ حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪي پي ۾ 15 سال اقتدار ۾ رهندڙ حڪومت سوات سانحي ۾ رليف جو بندوبست به نه ڪري سگهي، ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويل ماڻهن جا وڊيوز ڏسي هر ماڻهو ڏکويل آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي مخصوص سيٽن بابت انصاف ڪيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته جڏهن پاڪ فوج 7 ۽ 10 مئي تي ڀارت کي شڪست ڏني ۽ فيلڊ مارشل کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو ان وقت به پي ٽي آءِ پاڪستان مخالف مظاهرن جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام رهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ جي ترقي، تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ جمهوري جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي.