اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان روسي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڊينس نزاروف ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص مددگار 5 جولاءِ 2025ع تي اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندي روس روانو ٿيندو. ان دؤري جو مقصد روسي سيڙپڪارن سان اسٽريٽجڪ سطح تي مشاورت سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ فني تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آهي. روس ۾ قيام دوران هارون اختر نالي وارين روسي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو ته جيئن پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ ٻين اهم شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. خاص مددگار هارون اختر چيو ته روس سان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهيون. خاص طور تي صنعتي ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ امڪانن کي وڌائينداسين. هي دؤرو پاڪستان حڪومت جي قومي ادارن جي بحالي ۽ عالمي اسٽريٽجڪ حصيداري کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي.