تل ابيب-30 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو کي ايران سان جنگ دوران ۽ ان کانپوءِ اسرائيلي عوام ۾ پنهنجي مقبوليت ۾ گهٽتائي جي مسئلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ان تي غزه ۾ جنگبندي لاءِ ملڪ اندر دٻاءُ وڌي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪي جنگي جهازن کي ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي بمباري ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيڻ کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو گذريل هفتي جنگبندي کانپوءِ 12 ڏينهن جنگ ۾ ايران خلاف فتح جي دعويٰ ڪئي هئي. سياست جي ماهر عساف ميداني، اسرائيلي ويب سائيٽ وائي نيٽ تي هڪ ڪالم ۾ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ٻنهي طرفان ايران خلاف فتح جي دعوائن سان گڏوگڏ، اسرائيلي وزيراعظم کي پنهنجي ناڪامين جي به وضاحت ڪرڻي پوندي. هن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳي هن جي غزه ۾ جاري جنگ ۾ پنهنجي اعلاني هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ جنگ کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪامي آهي. اسرائيلي وزيراعظم طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته غزه ۾ سندس فوجي ڪارروائين جو مقصد مغوي اسرائيلي شهرين جي بازيابي ۽ فلسطينين جي اثر کي ختم ڪرڻ آهي جنهن ۾ هو اڃا تائين ڪامياب نه ٿي سگهيو.