نيويارڪ-30 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه تازو ايران سان 12 ڏينهن تائين جاري جنگ دوران اسرائيل کي ايراني ميزائلن کان بچائڻ ۽ ان جو دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي جديد ميزائل ٽوڙ نظام يا ٽرمينل هائي الٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس(ٿاڊ) جو 15 کان 20 سيڪڙو استعمال ڪيو، جنهن جي لاڳت جو ڪاٿو 80 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو. پرڏيهي ميڊيا جي تازي رپورٽ مطابق تازي جنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻايو، جنگ دوران آمريڪا، اسرائيل جي دفاعي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي ايران جي ميزائل حملن کان محفوظ رکڻ لاءِ ٿاڊ جو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي ڪل ذخيرن جو 15 کان 20 سيڪڙو خرچ ڪري ڇڏيو. ميگزين جو چوڻ آهي ته اسرائيل ڊگهي عرصي کان ايران يا يمن جي حوثين جهڙن اتحادين جي بيلسٽڪ ميزائلن کان بچائڻ لاءِ لاڪ هيڊ مارٽن جي تيار ڪيل ٽرمينل هائي- الٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس سسٽم يعني ٿاڊ تي ڀاڙي رهيو آهي.