اسلام آباد -30 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پارليامينٽ جمهوريت جو بنياد ۽ عوام جي اعتماد جي علامت آهي، ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پارلياماني نظام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو رکندڙ پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جي ڳالهه ڪئي آهي، قائد عوام 1973ع جو گڏيل آئين ڏئي پارلياماني نظام کي مضبوط ڪيو جڏهن ته بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي بحالي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي جمهوريت بهترين انتقام جي ويزن تي عمل پيرا ٿي شهيد جي مشن کي اڳيان وڌايو. گورنر چيو ته موجوده دور ۾ بلاول ڀٽو زرداري پارلياماني جمهوريت جي استحڪام لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ نوجوان نسل کي ان عمل ۾ متحرڪ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پارلياماني روايتن جو احترام ۽ ادارن جي مضبوطي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضمانت آهي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي انهن جمهوري اصولن کان واقف ڪرائڻو آهي.