اسلام آباد -30 جون (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چوٿين انٽرنيشنل ڪانفرنس آن فنانسنگ فار ڊولپمينٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ گذريل ڏينهن اسپين روانو ٿي ويو. ناڻي وزارت پاران جاري بيان مطابق پهرين جولاءِ کان اسپين جي شهر سيولا ۾ منعقد ان چئن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ ترقياتي ماهرن جو وڏو تعداد شريڪ هوندو.ڪانفرنس ۾ اسرندڙ ۽ اڀرندڙ معيشتن لاءِ جٽادار ۽ جديد مالياتي حڪمت عملين جي تياري ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس جي مرڪزي اجلاسن ۽ مختلف اعليٰ سطحي سائيڊ ايونٽس ۾ شريڪ ٿيندو. سينيٽر محمد اورنگزيب هڪ اهم سيشن قرض جي بدلي ترقي. ڊي سي ايس فنانسنگ اپروچ ۾ خاص مهمان هوندو، جتي هو پاسڪتان جو موقف ۽ ترقياتي ماليات ۾ قرض جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ڊپازٽ پروٽيڪشن جي امڪانن تي ڳالهائيندو. ناڻي وارو وزير ڪانفرنس دوران نجي ڪاروبارن ۽ فناس تائين رسائي ۽ استعمال جي موضوع تي ملٽي اسٽيڪ هولڊر گول ميز ڳالهين جو شريڪ چيئرمين هوندو. ناڻي وارو وزير انٽرنيشنل بزنس فورم پاليسي ڊائلاگ جي انتظام هيٺ اڀرندڙ مارڪيٽن ۽ اسرندڙ معيشتن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪريڊٽ ريٽنگز جي ڪردار تي پاليسي ڊائلاگ کي اهم خطاب ڪندو. ناڻي وارو وزير انٽرنيشنل بزنس فورم جي انتظام هيٺ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ مالي مدد ۾ واڌ جي موضوع تي به خطاب ڪندو، هو ترقي لاءِ عالمي سهڪار جي بحالي ۽ تجديد جي موضوع تي منعقد هڪ گول ميز مذاڪري کي خطاب به ڪندو ۽ يونيسيف جي انتظام هيٺ ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ ۽ ٻارن لاءِ جديد ۽ پائيدار فنانسنگ جي موضوع تي هڪ بحث ۾ به شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ڪانفرنس جي موقعي تي اهم عالمي شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو، جن ۾ انٽرنيشنل چيمبر آف ڪامرس جو سيڪريٽري جنرل جان ڊينٽن ۽ نيڌرلينڊز جو ترقي بابت نائب وزير اسٽيون ڪولٽ شامل آهن. وفاقي وزير جي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت پاڪستان جي ان عزم جي عڪاسي آهي ته ملڪ جديد مالياتي حل، عالمي مدد ۽ ترقياتي موضوعن تي پاڪستان جي اثرائتي آواز کي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.