اسلام آباد -30 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پارلياماني نظام جو عالمي ڏهاڙو 30 جُون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد جمهوريت، عوامي نمائندگي ۽ قانون سازي جي عمل ۾ پارليامينٽ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2018ع ۾ پارلياماني نظام جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جي منظوري ڏني هئي ته جيئن سڄي دنيا جا پارلياماني ادارا پنهنجي ڪاميابين، چئلينجن ۽ عوام سان لاڳاپن کي بهتر بڻائي سگهن. هلندڙ سال پارلياماني نظام جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع آهي جمهوريت لاءِ مضبوط پارليامينٽ جي چونڊ ڪرڻ آهي جيڪا فعال، شفاف ۽ جوابده پارلياماني جمهوريت جي استحڪام کي اجاگر ڪري ٿي. عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان موقعي تي سيمينار، ڪانفرنسون ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن قانونسازي، قومي مسئلن جي حل، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ عوامي مفاد جي پاليسي سازي ۾ هڪ پارليامينٽ جي ڪردار کي اجاگر ۽ آگاهي فراهم ڪري سگهجي. واضح رهي ته پارليامينٽ عوام جو آواز هوندي آهي ۽ اسان سڀني کي وڌيڪ مضبوط ۽ شفاف پارليامينٽ بڻائڻ لاءِ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.