اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽياڪڙي عدالت قرار ڏنو آهي ته ان جي اهليت برقرار آهي ۽ اهو ته انهن ڪاررواين کي وقت سر، موثر ۽ منصفاڻي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ان جي ذميواري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي عدالت پاران اعلان ڪيل ضمني ايوارڊ جي آجيان ڪري ٿو. ترجمان چيو ته 27 جون تي ٽياڪڙي عدالت ان ضمني ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي اعلان جي ڏس ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ان ضمني ايوارڊ جي آجيان ڪري ٿو، هي ايوارڊ پاڪستان جي ان موقف جي توثيق ڪري ٿو ته سنڌ طاس معاهدو صحيح ۽ فعال آهي ۽ ڀارت کي ان تي هڪطرفي ڪارروائي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو سنڌ طاس معاهدي تي معمول جي ڪم کي فوري طور تي ٻيهر شروع ڪري ۽ پنهنجي معاهدي جي ذميوارين کي پورو ڪري.