اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان اهم صوبو آهي، ملڪي ترقي ان جي صوبي جي ترقيءَ سان مشروط آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن بلوچستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڪئپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ سڀني صوبن وچ ۾ ويجهو رابطو اڻٽر آهي. بلوچستان هڪ اهم صوبو آهي جنهن جي تعمير ۽ ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن ۽ عملي جي سگهه وڌائڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قومي ۽ بلوچستان اسيمبليءَ جي ميمبرن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطي ۾ واڌ ضروري آهي. ملڪ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قومي يڪجهتي ۽ اتحاد اڻٽر آهي.