اسلام آباد -30 جون (اي پي پي) مالي سال 25-2024ع ۾ مضبوط ميڪرو اڪنامڪ پاليسين، مالي نظم و ضبط ۽ پرڏيهي شعبي جي مستحڪم ڪارڪردگي سبب پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو تسلسل جاري رهيو. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل ماهوار ”معاشي جائزه ۽ جون 2025ع جي آئوٽ لڪ“ موجب ملڪ ۾ پائيدار معاشي بحالي جا آثار واضح آهن. رپورٽ مطابق حقيقي جي ڊي پي ۾ جولاءِ کان اپريل مالي سال 2025ع دوران 2.68 سيڪڙو اضافو ٿيو. مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته مئي 2025ع ۾ سي پي آءِ مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا مئي 2024ع دوران 11.8 سيڪڙو شرح کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي. ماهوار مهانگائي ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جيڪا اپريل ۾ 0.8 سيڪڙو ۽ مئي 2024ع ۾ 3.2 سيڪڙو جي گهٽتائي جي تسلسل جو حصو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته مالي سال 2025ع جي جولاءِ کان اپريل واري عرصي ۾ آمدني ۾ اضافو خرچن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو، جيڪو مالي استحڪام جي نشاندهي ڪري ٿو. وفاقي آمدني ۾ 44.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو 8124.2 ارب روپين تائين پهچي ويو. جيڪو گذريل سال انهي عرصي ۾ 5627.5 ارب روپيا هو. غير ٽيڪس آمدني ۾ 68.1 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ٽيڪس آمدني جولاءِ کان مئي 2025ع ۾ 25.9 سيڪڙو اضافي سان 10233.9 ارب روپين تائين پهچي وئي. ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 1.81 ارب ڊالرز جو سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 1.6 ارب ڊالرز جي خساري جي ابتڙ آهي. روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اهو 29.7 ارب ڊالرز تائين پهچي ويو. آمدني واپار ۾ 11.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو 54.1 ارب ڊالرز تائين وڌي ويو. اهڙي طرح واپاري خسارو 24.4 ارب ڊالر ٿي ويو. جيڪو گذريل سال 20 ارب ڊالر هو. ناڻي واڌ ۾ 28.8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اهو 34.9 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. جنهن ۾ سعودي عرب جو حصو 24.4 سيڪڙو ۽ يو اي اي جو حصو 20.4 سيڪڙو رهيو. سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 2.0 ارب ڊالر رهيو، جيڪا گذريل سال 2.1 ارب ڊالر هئي. مئي 2025ع ۾ 59995 پاڪستاني ڪارڪن پرڏيهه ۾ رجسٽر ٿيا، جيڪي اپريل جي ڀيٽ ۾ 12.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن. زرعي ترقي لاءِ معياري ٻج، مشنيري، ۽ قرضن جي بهتر دستيابي سان فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي اميد آهي. زرعي قرضن ۾ 15.7 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو جولا3 کان اپريل 2025ع دوران 2066.6 ارب روپين تائين پهچي ويو، جيڪو سالياني هدف 2572.3 ارب روپين جي ويجهو آهي. زرعي مشينري جي آمدني واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اهو 69.2 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. وفاقي حڪومت خريف سيزن 26-2025ع لاءِ وونئڻن جي پوکائي جو هدف 22 لک هيڪٽر، پيداوار جو هدف هڪ ڪروڙ هڪ لک 80 هزار ڳٺڙيون مقرر ڪيو آهي. وڏين صنعتن ۾ اپريل 2025ع ۾ ساليانو 2.3 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ماهوار 3.2 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ کان اپريل مجموعي طور لارج اسڪيل مينيوفيڪچررز (ايل ايس ايم) ۾ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته گذريل سال انهي عرصي ۾ 0.3 سيڪڙو جو معمولي اضافو ٿيو هو. پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ مئي 2025ع ۾ 894 ملين روپين جي 18525 بنا وياج قرض فراهم ڪيو. 2019ع کان هن وقت تائين 3.01 ملين ماڻهن کي 117.61 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت جولاءِ کان اپريل مالي سال 2025ع ۾ 411.56 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آهن. جڏهن ته ٽوٽل سالياني بجيٽ 592.5 ارب روپيا رکي وئي آهي. مهانگائي جون 2025ع ۾ 3.0 کان 4.0 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. سيمينٽ جي رسد ۽ گاڏين جي وڪري جهڙا اهڃاڻ ايندڙ مهينن ۾ لارج اسڪيل مينيوفيڪچررز جي هاڪاري ڪارڪردگي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. نجي شعبي جي قرضن جي وڌندڙ فراهمي سان پيداواري سرگرمين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ظاهر ٿئي ٿو. ناڻي واڌ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي سان گڏ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس برقرار رهڻ جو امڪان آهي. ناڻي وزارت اشارو ڏنو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ پڻ مهانگائي جي سطح 3 کان 4 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس برقرار رهڻ جي اميد آهي. اڪنامڪ رپورٽ موجب معيشت ۾ بحالي، مالي نظم و ضبط ۽ سماجي تحفظ جي مضبوط نظام جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن سان پائيدار ۽ جامع ترقي جي راهه همواري ٿي رهي آهي.