گڏيل قومون-30 جون (اي پي پي) پاڪستان پهرين جُولاءِ اڱاري ڏينهن کان هڪ مهيني لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀاليندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو عاصم افتخار احمد 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي ڪم جي نگراني ڪندي گهڻ رُخي ۽ عالمي قانونن کي برقرار رکڻ جو عهد ڪيو. پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن ۾ ”اي پي پي“ جي نمائندي کي ٻُڌايو ته پاڪستان جي صدارت شفاف، جامع ۽ جوابده هوندي. پاڪستان جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر طور صدارت 2 سالن جي مُدت جو حصو آهي، جنهن جي شروعات جنوري 2025ع کان ٿي هئي. صدارت هر مهيني سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني ميمبرن وچ ۾ ڳالهين سان ترتيب ڏني ويندي آهي. پاڪستان ان کان اڳ 53-1952ع، 69-1968ع، 77-1976ع، 94-1993ع، 13-2012ع ۽ 04-2003ع سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڪري چڪو آهي. پاڪستان نمائندو جيڪو جولاءِ ۾ اهم عالمي معاملن تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن جي صدارت ڪندو، چيو ته هو پيچيده جاگرافيائي سياسي منظرنامي، وڌندڙ عدم استحڪام ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي موجود خطرن، وڌندڙ تڪرارن ۽ گهرو ٿيندڙ انساني بحرانن کان پوريءَ طرح آگاهه آهي. هلندڙ مهيني جي صدارت دوران پاڪستان گهڻ رُخي ۽ تڪرارن جي پُرامن حل ۽ گڏيل قومن جي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ٻن اعليٰ سطحي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته هي موضوع عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ترجيحن جهڙن گهڻ رُخي، تڪرارن جي پکيڙ ۽ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ علائقائي تنظيمن سان تعاون جي عڪاسي آهن. ان سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ آفريقا، يورپ، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ اڳڀرائيءَ سميت اهم عالمي مسئلن تي توجهه ڏني ويندي. پاڪستاني نمائندي اڳ ئي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس جولاءِ ۾ سلامتي ڪائونسل جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. پاڪستاني نمائندي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هو هڪ اهڙي ملڪ طور جنهن مسلسل ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي وڪالت ڪئي آهي، سلامتي ڪائونسل جي ڪم لاءِ هڪ اصولي ۽ متوازن نقطهءِ نظر رکي ٿو جيڪو ان جي پنهنجي تجربي ۽ گڏيل قومن جي امن سازي ۽ امن جي قيام جي ڪوششن ۾ پُراڻو حصيدار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان چارٽر تحت پنهنجون ذميداريون ۽ گڏيل قومن جي وسيع رڪنيت جي اُميدن موجب سلامتي ڪائونسل طرفان اجتماعي، وقت سر قدمن لاءِ سلامتي ڪائونسل جي سڀني ميمبرن سان ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. پاڪستان 193 مان 182 ووٽ کڻي زبردست حمايت سان سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊيو هو.