اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ اسپتال، اسڪولز ۽ پوليس اسٽيشن فائبرائز ٿي ويندا. اي آءِ ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز کي ڇهين ڪلاس کان شروع ڪري ڪنڊر گارٽن تائين وٺي وينداسين. صحت واري وزارت سان گڏجي ون پيشنٽ، ون آءِ ڊيپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. آءِ ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اسلام آباد کي پائليٽ اسمارٽ سٽي بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزارت اسلام آباد جي سڀني پبلڪ اسڪولز، بي ايڇ يوز ۽ هيلٿ سيڪٽرز کي فائبر فراهم ڪرڻ جي فنڊنگ ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ اسپتال، اسڪولز ۽ پوليس اسٽيشن فائبرائز ٿي ويندا. هن چيو ته مفت عوامي واءِ فاءِ لاءِ مخصوص هنڌن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ميٽرو بس عوامي هنڌن تي واءِ فاءِ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ڪم ٿي رهيو آهي. تعليم واري وزارت اسان سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ ايڊ ٽيڪ ذريعي تعليمي سهولت فراهم ڪنداسين. اي آءِ ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز کي ڇهين ڪلاس کان شروع ڪري ڪنڊر گارٽن تائين وٺي وينداسين، وزيراعظم چاهي ٿو ته اسلام آباد جو هر ٻار تعليم حاصل ڪري. هن چيو ته اهي منصوبا گلگت بلتستان ۽ ڏورانهن علائقن تائين پهچايا ويندا. ٽيڪنالاجي ذريعي ريموٽ اسڪولز ۾ به تعليم ممڪن بنائينداسين. هن چيو ته صحت واري وزارت سان ون پيشنٽ ون آءِ ڊي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ٽيلي ميڊيسن ذريعي سمورن بي ايڇ يوز ۾ انٽرنيٽ پهچايو ويندو، آن لائن ماهرن سان مشاورت جي سهولت هر جاءِ تي فراهم ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم نصاب ۾ آءِ ٽي تعليم شامل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي، هدف آهي ته 5 لک نوجوانن کي جديد آءِ ٽي اسڪلز جي تربيت ڏني وڃي، 2 لک ٻارن کي گوگل، 3 لکن کي هواوي ۽ ٻن لکن کي مائڪرو سافٽ ٽريننگ ڏني ويندي. هن چيو ته ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پرائمري سطح تي اي آءِ سکي اڳتي وڌنديون، ملڪي آءِ ٽي افرادي سگهه کي عالمي معيار موجب تيار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.