اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ٽي ڊي سي کي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ فوري عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سياحت جي فروغ جي لاءِ خصوصي سياحتي زون ٺاهيا وڃن، پاڪستان کي هڪ سياحتي برانڊ جي طور تي ٻاهرئين ملڪ متعارف ڪرايو وڃي، صوبن جي تعاون سان پوري ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ملڪي ترقي جي ويزن تحت پاڪستان کي دنيا جي اولين سياحتي مرڪزن جي فهرست ۾ شامل ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي لامحدود صلاحيت موجود آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن ۽ لازوال خوبصورتي سان نوازيو آهي. هن چيو ته اترئين علائقن ۾ برف پوش جبلن، ٻيلن، دريائن، ميدانن ۽ ريگستاني علائقن ۽ اهڙن ٻين قدرتي وسيلن جي ڪري اسان جو ملڪ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ کان سياحت جي ڏس ۾ گهٽ نه آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ سياحتي برانڊ جي طور تي ٻاهرئين ملڪ متعارف ڪرايو وڃي، صوبن جي تعاون سان پوري ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي ويزن تحت پاڪستان کي دنيا جي اولين سياحتي مرڪزن جي فهرست ۾ شامل ڪنداسين. وزيراعظم پاڪستان ٽوئرازئم ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ٽي ڊي سي) کي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ فوري عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سياحت جي فروغ جي لاءِ خصوصي ٽوئرازم زون ٺاهيا وڃن، عالمي سياحن جي پاڪستان جي سياحتي جاين تي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر گڏجي ڪم ڪن، اندرون ملڪ سياحت ۽ ملڪي سياحن جي تفريحي جاين تي اچ وڃ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، ٽوئرازم سيڪٽر ۾ مستقل سيڙپڪاري جي حوالي سان منصوبابندي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اترئين علائقن جهڙن سياحتي ماڳن جي تشهير، ميڊيڪل ٽوئرازم ۽ ٻيا قدم کڻي سگهجن ٿا. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، قومي ورثي وارو وفاقي وزير اورنگزيب کچي، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، خاص معاون حذيفه رحمان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ هئا.