ويانا / اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڪامران اختر کي انڊسٽريل ڊيولپمينٽ بورڊ جي 53هين اجلاس جو صدر چونڊيو ويو آهي. هي پهريون موقعو آهي جڏهن پاڪستان کي ان عهدي سان نوازيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب يو اين آءِ ڊي او جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران اختر کي مبارڪباد ڏيندي تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ تعاون کي ساراهيو. ڪامران اختر پنهنجي بيان ۾ يو اين آءِ ڊي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي اعتماد تي ٿورا مڃيا ۽ صنعتي ترقي خاص طور تي اسرندڙ ملڪن، ايل ڊي سيز ۽ ايس آءِ ڊي ايس ۾ تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. چونڊ يو اين آءِ ڊي او جي ميمبر ملڪن پاران پاڪستان تي ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿي. ويانا ۾ رهندڙ سمورين عالمي تنظيمن وانگر پاڪستان يو اين آءِ ڊي او ۾ هڪ فعال سفارتي پروفائيل کي برقرار رکي ٿو ۽ تنظيم جي بنيادي مينڊيٽ جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو جامع ۽ پائيدار صنعتي ترقي آهي. پاڪستان وٽ يو اين آءِ ڊي او سان گڏ سڀ کان وڏي پورٽ فوليو مان هڪ آهي جنهن ۾ 350 ملين يورو کان وڌيڪ ماليت جا ڪيترائي جاري ۽ منصوبابند منصوبا آهن. يو اين آءِ ڊي او پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فشريز، فوڊ سيفٽي، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي. پائيدار ۽ پي اي ايف ايڊ جهڙن منصوبن غربت جي خاتمي، ملازمن جي تخليق ۽ ڳوٺاڻي برادرين جي پائيدار ترقي ۾ مدد ڪئي آهي. هن سال پاڪستان يو اين آءِ ڊي او سان پنهنجي ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ جي اميد رکي ٿو جڏهن ته اسان گڏوگڏ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪيترن ئي منصوبن جي شروعات ٿيندي.