لنڊن -30 جون (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن عالمي ٽي -ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ پهرين جُون تي  ڪانٽي گرانڊ، برسٽل ۾کيڏيو ويندو. ڀارت جي وومينز ٽيم کي ميزبان انگلينڊ جي وومين ٽيم خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ مطابق ڀارت جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دوري دوران ميزبان وومينز ٽيم خلاف 5 ٽي – ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽي -ٽوئنٽي سيريز ۾ ڀارتي ٽيم کي هرمن پريت ڪور ليڊ ڪندي جڏهن ته ميزبان برطانوي وومينز ٽيم کي بالنگ آل رائونڊر نيٽ سڪيور برنٽ ليڊ ڪندي.