اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ساهيوال سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي آزاد چونڊيل ميمبر چوڌري عثمان علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چوڌري عثمان علي کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري عثمان علي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جي قومي اسيمبلي مان منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ شريڪ هو.