اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل نه ٿو ڪري سگهي، ڀارت پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار عالمي سطح تي تسليم ٿيل مسئلو آهي، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان خطي ۾ امن ٿيندو، فلسطينين سان انصاف کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، واپار ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل چاهيون ٿا، ڀارت پهلگام جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ۽ فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي جارحيت مڙهي جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ موثر جواب ڏنو. محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان تي پنهنجي مرضي نه ٿو مڙهي سگهي، ان لاءِ هو پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري. هن چيو ته اسان ايران جي دفاع جي حق جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪري ٿو، اسرائيلي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيلي ڏاڍ جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان کي وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي ڳڻتي آهي، غزه ۾ انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان ايران اسرائيل جنگبندي جي آجيان ڪئي آهي، ايران جي ائٽمي مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه سان ڪڍيو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ميمبر آهي ۽ هو ايران جي قانوني موقف جي سدائين تائيد ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته افغان حڪومت يقيني بڻائي ته ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي، پاڪ چين اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عمل پيرا آهي.